پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز:
هن کي عام طور تي پي.آءِ.اي (P.I.A) چيو وڃي ٿو. هي پاڪستان جي قومي ايئر لائين آهي. پي. آءِ. اي ايشيا ۾ ايڪٽيهون وڏو هوائي سفري ادارو آهي ، جنهن جي پاڪستان جي 23 هوائي اڏن کان سواءِ ايشيا ، يورپ ۽ اتر آمريڪا جي 36 ملڪن لاءِ سروس موجود آهي . پاڪستان ۾ ڪراچي ، لاهور ۽ اسلام آباد- راولپنڊي ۾ وڏا ايئر بيس آهن . 1946ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح ملڪ ۾ هوائي سروس جي نيٽ ورڪ جي ضرورت بابت سوچيو ۽ ان وقت جي نامياري تاجر مرزا احمد اصفهانيءَ جي مدد ورتي . جيتوڻيڪ ڪلڪتي ۾ اڳ ۾ ئي ” اورينٽ ايئر ويز “ هلندڙ هئي ، جيڪا 23 آڪٽوبر 1946ع تي قائم ٿي . هن سروس پاڪستان جي قيام جي ڏينهن ۾ امدادي سروس مهيا ڪئي ۽ ترت ئي پوءِ ڪراچيءَ تي سروس شروع ڪئي . 7 جون 1954ع تي هتان کان ڍاڪا ڏانهن هوائي سفر جي سروس شروع ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۾ قومي سطح تي ٻه ٻيا فضائي رستا تيار ڪيا ويا ، جيڪي ڪراچيءَ کان لاهور- پشاور ۽ ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا تائين مقرر هئا . 11 مارچ 1955ع تي اورينٽ سروس ۽ پاڪستان سرڪار طرفان نئين تشڪيل ڏنل هوائي سروس سان ضم ڪيو ويو ۽ ائين گڏيل صلاح سان مٿس نالو ” پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن “ رکيو ويو . ساڳئي سال پهرين بين الاقوامي هوائي سروس ( ڪراچي کان لنڊن ) به شروع ٿي . 1959ع ۾ ملڪ نور خان کي پي . آءِ . اي جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر مقرر ڪيو ويو . آهستي آهستي بين الاقوامي سطح جي پروازن ۾ اضافو ٿيندو ويو . 1965 ۽ 1971ع وارين جنگين دوران پاڪستان ايئرلائينز پاڪستاني فوج جي وڏي مدد ڪئي هئي . پهرين اپريل 1972ع تي پي . آءِ . اي لنڊن- نيويارڪ سروس جو آغاز ڪيو ويو . پهرينءَ نومبر 1972ع تي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪوئيٽا ، پشاور ، راولپنڊي ۽ فيصل آباد کي هوائي رستي سان ڳنڍيو ويو . 20 جنوري 1973ع تي چين لاءِ سروس شروع ٿي . 30 جنوري 1974ع تي ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد وچ ۾ ڊي . سي- 10 جهازن جون اڏامون شروع ٿيون . سيپٽمبر 1974ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هوائي سروس جي سهوليت جو معاهدو ٿيو . 20 نومبر 1978ع تي پي . آءِ . اي وڌيڪ 29 جهاز خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن خليج فارس جي علائقي ۾ اڏامن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهجي . ملڪ اندر پي . آءِ . اي جي سروس هر وڏي شهر ۾ آهي ، جڏهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ دنيا جي 40 وڏن شهرن سان پي . آءِ . اي جو نيٽ ورڪ جڙيل آهي . هن راندين ۽ سياحت جي واڌاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، جڏهن ته ويجهي ماضيءَ کان پي . آءِ . اي ڪجهه مالي بحرانن جو شڪار پڻ رهي آهي . هن وقت پي . آءِ . اي جو چئرمئن چوڌري احمد مختار ( وزيرِ دفاع پاڪستان ) آهي ، جڏهن ته بورڊ آف ڊئريڪٽرس جا ميمبر هي آهن: ( 1 ) سيد نصير احمد ، ( 2 ) جاويد اختر ، ( 3 ) ملڪ نذيــر احـمــد ، ( 4 ) لفٽيننٽ جنرل ( رٽائرڊ ) ، ( 5 ) سيد اٿر علي ( وفاقي دفاعي سيڪريٽري ) ، ( 6 ) ڪئپٽن محمد اعجاز هارون ( مئنيجنگ ڊئريڪٽر ، پي . آءِ . اي ) ، ( 7 ) پروفيسر ميان اعجاز الحسن ، ( 8 ) پروفيسر مبشر افتخار ، ( 9 ) حسن لورائي ، ( 10 ) شوڪت علي رانا ، ( 11 ) سلمان صديق ( ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ) ۽ ( 12 ) محمد شعيب ( سيڪريٽري پي . آءِ . اي ) .


لفظ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو